شوٽنگ بال/ والي بال

شوٽنگ بال/ والي بال

شوٽنگ بال والي بال

شوٽنگ بال/ والي بال: شوٽنگ بال راند جيڪا هن کان اڳ والي بال راند جي نالي مشهور هئي، سا سنڌ ۾ پهرين جنگِ عظيم کان پوءِ متعارف ٿي. والي بال اصل ۾ آمريڪا جي ايجاد ڪيل آهي، جيڪا اڻوهين صديءَ جي آخري ڌاري ‘وليم جي مارگن’ باسڪيٽ بال جي مقابلي ۾ ايجاد ڪئي. هن جو والي بال نالو ‘ڊاڪٽر اي. ٽي هالٽيڊ’ نالي رانديگر منتخب ڪيو. سنڌ ۾ شروع شروع ۾ هيءَ راند والي بال وانگر هٿ کولي کيڏي ويندي هئي، بعد ۾ ان ۾ ڪجهه ترميمون آڻي هٿ بند ڪري اسٽروڪ (Stroke) جي راند بڻائي وئي. هن راند جو گرائونڊ 30/160، 30/30 هڪ پاسو هوندو هو ۽ نيٽ جي اوچائي 8 فوٽ هوندي هئي. هڪ ٽيم (هڪ پاسي) ڇهن رانديگرن تي مشتمل هوندي هئي، جن مان ٽي رانديگر نيٽ جي ڀرسان ۽ ٽي رانديگر انهن جي پٺيان کيڏندا هئا. ڇهن ڄڻن جي فيلڊ ۾ رانديگرن جي پوزيشن کي هن طرح سڏيو ويندو هو. (1) نيٽ جي ڀرسان ساڄي پاسي کيڏڻ واري رانديگر کي رائيٽ سائيڊ (Right Side) سڏبو هو. هاڻي ان کي رائيٽ ونگ (Right Wing) چون ٿا. (2) نيٽ جي ڀرسان ٻيو نمبر وچ تي کيڏڻ واري رانديگر کي نيٽ مين (Net Man) سڏبو هو. (3) نيٽ جي ڀرسان کيڏندڙ رانديگر کي ليفٽ سائيڊ (Left Side) يا ليفٽ ونگ (Left Wing) سڏبو هو. (4) مٿين کيڏندڙ ٽن رانديگرن مان (Right Side) جي پٺيان کيڏندڙ رانديگر کي سروس مئن (Service Man) سڏبو هو.(5) نيٽ مئن جي پٺيان کيڏندڙ رانديگر کي بئڪ سينٽر (Back Center) چئبو هو. (6) ليفٽ سائيڊ واري جي پٺيان کيڏندڙ رانديگر کي ڪارنر (Corner) سڏبو هو.والي بال جو اسڪور پندرنهن تي پورو ٿيندو هو ۽ ٻنهي ٽيمن جي تيرهن تي اسڪور پهچڻ سان ‘Low All’ يا ‘Dues’ پڪاريو ويندو هو ۽ جيڪا ٽيم تيرهن کانپوءِ ٻه پوائنٽون لاڳيتون ڪري ته اُها ڪامياب قرار ڏبي هئي. چوڏهن پوائنٽن کي گيم بال سڏبو هو. هن راند ۾ پليسنگ (Placing) يعني بال کي آهستي نيٽ جي ڀرسان اسٽروڪ سان اڇلائبو هو ۽ ڪنهن ڇڏي ويل رانديگر جي جاءِ تي لِيڪُن تي بال هڻڻ کي آئيڊيا (Idea) چئبو هو. هي راند ڪافي عرصو هلي، جنهن بهترين رانديگر پيدا ڪيا، جن ۾ استاد قربان لاشاري (دادواستاد محمد وريل سومرو (دادو)، مرحوم استاد محمد ٺاريل (لاڙڪاڻو)، استاد غلام محمد ٿري (عمرڪوٽ) عبدالغفور ڀرڳڙي (لاڙڪاڻو)، استاد واحد (شڪارپور) ۽ ڪيترا هندو رانديگر پڻ ان دؤر جا مشهور رانديگر ٿي گذريا آهن. اصل ۾ محمد يعقوب سنڌ ۾ اها راند 1924ع ۾ متعارف ڪرائي. 1952ع کان 1968ع تائين جي عرصي کي هن راند جو سونهري دؤر سڏجي ٿو. 1972ع ۾ سنڌ بلوچستان والي بال ايسوسيئيشن وجود ۾ آئي، جنهن جو سرپرستِ اعلى ۽ صدر مير الله خان'>ظفر الله خان جمالي ٿيو. ان وقت راند ۾ ڪجهه تبديلي آئي، ڇهن رانديگرن جي بجاءِ ست رانديگر کيڏڻ لڳا. گرائونڊ 32 فوٽ هم چورس هڪ پاسو ٿيو، جيئن ته هي راند پنجاب صوبي ۾ به تمام عام هئي ان ڪري سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد رانديگر ٽورنامينٽ تي هڪ ٻئي وٽ اچڻ لڳا، ان ڪري گرائونڊ ۽ راند کيڏڻ جي قانونن ۾ اختلاف سبب هڪ طريقو بنائڻ جي ضرورت محسوس ٿي، ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ 35 فوٽ هڪ پاسو گرائونڊ جو ۽ ستن کان نَوَ رانديگر هڪ ٽيم ۾ کيڏندا هئا ۽ بال به ڪافي وزن دار ۽ نيٽ به اٺ فوٽ ٻه انچ هئڻ ڪري ٻين صوبن جي رانديگرن کي کيڏڻ ۾ خاص تڪليف ٿيندي هئي. ان ڪري پوري ملڪ ۾ هڪ طريقي جي راند کيڏڻ لاءِ هر صوبي ۾ ڪوششون جاري رهيون، جن ۾ خاص طرح هيٺين ماڻهن جو وڏو حصو رهيو. مير الله خان'>ظفر الله خان جمالي (بلوچستان)، حاجي ڪرم خان ارشاد، اوستو نثار احمد (بلوچستان)، سنڌ مان I.V خان ڪراچي، مسعود ڪراچي، آغا الله ڏنو دراني (ٽنڊو غلام علي)، نورالدين جهونو (حيدرآباد)، استاد غلام محمد کوسو ٿري (عمرڪوٽ)، سيد حسين شاهه (گهوٽڪي)، ۽ ٻين ڪيترن ئي فيڊريشن ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي. اهڙي طرح والي بال راند جو نالو تبديل ڪري ’شوٽنگ بال‘ رکيو ويو، جنهن 1980ع کان باقاعده ڪم شروع ڪيو ۽ هن راند کي حڪومت اپريل 1981ع ۾ باقاعده تسليم ڪري قومي راندين ۾ شمار ڪيو. موجوده راند ۾33 فوٽ هم چورس هڪ پاسو گرائونڊ جو آهي ۽ 7 رانديگر کيڏن ٿا. راند جو خاتمو 16 پوائنٽن تي ٿئي ٿو. هن وقت پاڪستاني سطح تي مهراڻ ڪلب (دادو)، اي.ڊي.بي.بي اسلام آباد، ڪي.ڊي.اي پاڪستان، پاڪستان شپنگ ڪارپوريشن، حبيب بئنڪ ڪراچي، ميلسي ملتان، آزاد شڪارپور، چئمپين ٽيمون آهن. جڏهن ته شوٽنگ بال جون پوري ملڪ ۾ پنج هزار کان مٿي رجسٽرڊ ٽيمون آهن، جنهن مان سنڌ ۾ تقريباً ٻه هزار ٽيمون ٿينديون. شوٽنگ بال ۾ سنڌ جا بهترين رانديگر هي آهن: نظام الدين شاهه (لاڙڪاڻو)، سيد اعظم شاهه (لاڙڪاڻو)، عظمت الله راجو پٺاڻ (ٺل)، پيرل لاشاري (ميرپورخاص)، منظور لوڊو (شڪارپور)، اڪبر رند (جوهي)، محمد موسى (دادو)، عبدالرحمٰن عرف مير رند (دادو) وغيره شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو